امداد آهي رول

امداد آهي رول

امداد آهي رول

امداد آهي رول (ڪتاب ):سنڌ جي صفِ اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو پهريون شعري مجموعو ’امداد آهي رول‘، 120 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڪرائون سائيز ۾ 1966ع ۾، اسلم لغاريءَ، پرفيڪٽ پرنٽرز، صدر حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت صرف 4 روپيا آهي. هن ڪتاب ۾ امداد حسينيءَ جي اها سموري شاعري شامل آهي، جنهن کيس منفرد ۽ جديد شاعر ثابت ڪيو. هن شاعريءَ ۾ امداد جو لهجو، ڊڪشن، اسلوب ۽ ٻولي پنهنجن همعصرن کان نرالي ۽ نئين نظر اچي ٿي. ڪتاب ۾ سندس مشهور نظم، ’ايڪيهين صدي‘،’بدلو‘، ’پرائيويٽ‘، ’چڪلو‘، ’حملو‘، ’روشني جو سفر‘، ’شرابي‘، ’شرط‘، ’عيد جو چنڊ‘ شامل آهن، ان کان سواءِ سندس ترائيل ۽ ٽيڙو به هن ننڍڙي شعري مجموعي ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو